پاڪستانپنجاب

ميان چنو سانحي ۾ تماشائي پوليس خلاف قدم کنيو وڃي:شيرين مزاري

اسلام آباد:انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ميان چنو ۾ پيش آيل واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته هجوم هٿان هڪ شخص جي قتل جا ذميوار سزا کان بچي نٿا سگهن. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ميان چنو ۾ هجوم هٿان هڪ شخص جو قتل مذمت جوڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته پنجاب حڪومت واقعي وقت خاموش تماشائي بڻيل پوليس اهلڪارن جي خلاف ايڪشن وٺي. شيرين مزاري چيو ته قانون موجود آهن، پوليس عمل ڪرائي ۽ هجوم کي پنهنجي مرضي جي اجازت نه ڏي. واضح رهي ته سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن مئنيجر جي قتل کان پوءِ گذريل ڏينهن ميان چنو ۾واقعو پيش آيو، جتي مقدس ورقن کي ساڙڻ جي الزام ۾ مڇريل ماڻهن هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو. ڄاڻايل شخص تي تشدد ڪيو ۽ لاش کي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button