اسلام آبادپاڪستان

بل پاس ڪرائڻ لاءِ اڪثريت جي ضرورت آهي،سينيٽ ۾ ڦاسي پئون ٿا:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ کوڙ سارن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ الڳ الڳ قيمت تي وڪرو ٿي رهي آهي. هڪ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي قيمت هڪ ئي هئڻ گهرجي، آئون ۽ منهنجي ٽيم پنهنجي ڊائريڪشن تي ڪافي ڪليئر آهيون. ملڪ ۾ کوڙ سارن سڌارن جي ضرورت آهي، بل پاس ڪرائڻ لاءِ اڪثريت جي ضرورت آهي، اسان قومي اسيمبلي مان بل پاس ڪرايون ٿا ته سينيٽ ۾ ڦاسي پئون ٿا. آمريڪا کان سواءِ سڀ سمجهن ٿا ته افغانستان جا اڪائونٽ بحال ڪيا وڃن. افغانستان جون حالتون خراب ٿيون ته آمريڪا کي ٻيون به ڏکيائيون ٿينديون. چين جي دوري جي حوالي سان اڳوڻن سفارتڪارن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته افغانستان جي حوالي سان آمريڪا کان سواءِ روس ۽ چين سميت سمورن ملڪن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران جو رستو روڪڻ گهرجي ۽ ان جا اثاثا بحال ڪرڻ گهرجن. آمريڪا کي به اندازو آهي ته افغانستان جون حالتون خراب ٿيون ته ان جا اثر آمريڪا تي به پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ مضبوط تازي دوري کان پوءِ ٿيا آهن، چين پاران ڪيترن ئي منصوبن تي تعاون جي خاطري ڪرائي آهي، اڄوڪي ويهڪ جو مقصد چين جي تازي دوري بابت ڳالهيون ۽ پنهنجا آئيڊياز شيئر ڪرڻ آهي. هن چيو ته دنيا جو سياسي منطرنامو تيزي سان تبديل ٿيندو پيو وڃي، 2 سال اڳ جڏهن چين ويس ان وقت دنيا جون جيڪي حالتون هيون اهي تيزي سان تبديل ٿي چڪيون آهن. ان حوالي سان هي دورو اهم هو. وزيراعظم چيو ته ڪرونا وبا سان پاڪستان جيئن منهن ڏنو ۽ پاڪستان جي هاڪاري معيشت تي چين جي خاص نظر هئي، جنهن جي چين جي تازي دوري ۾ چيني صدر سميت سڀني تمام گهڻي ساراهه ڪئي. گوادر پاور پلانٽ پراجيڪٽ ۾ دير بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرونا جي ڪري چين به بند ٿي ويو هو، ڪرونا سبب ٻن سالن کان پوءِ چيني صدر پهريون ڀيرو هي تازيون ملاقاتون ڪيون آهن. انهيءَ ڪري هن پروجيڪٽ کي فنانس ڪرڻ جو سلسلو به رڪجي ويو هو. اسان چين جي اعليٰ قيادت جي فيصلي جو انتظار ڪري رهيا هئاسين جنهن جي مرضي بنا ڪجهه به ممڪن نه آهي. تازي دوري تي آخرڪار ڪيترائي معاملا طئي ٿي ويا آهن، خاص اقتصادي زونز بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي صوبن جو اختيار آهي 18هين ترميم کان پوءِ فيصلا سازي جو عمل فريڪچر ٿي چڪو آهي. هن چيو ته مارچ ۾ ٻيهر مان چين ويندس، جنهن لاءِ افغانستان تي اسان جون ٻه ويهڪون طئي ٿي چڪيون اهن جنهن ۾ اسان ان ڳالهه تي غور ڪنداسين ته چين ۽ پاڪستان گڏجي افغانستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڇا ڪري سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button