پاڪستانپنجاب

حڪومت خلاف عدم اعتماد جي رٿ لا شهباز شريف جي چوڌري ڀائرن سان ملاقات

لاهور :حڪومت خلاف عدم اعتماد جي رٿ لا مسلم ليگ (ن) جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف 14 سالن کانپوءِ چوڌري ڀائرن سان ملاقات لاءِ سندن گھر پهچي ويو. ڪالهه شهباز شريف مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي. ن ليگ جي وفد ۾ اياز صادق، رانا تنوير، جواجا سعد رفيق، عطاءُ الله تارڙ ۽ شبير عثماني شامل هئا، ملاقات ۾ سالڪ حسين ۽ شافع حسين به شريڪ ٿيا. ذريعن موجب شهباز شريف ۽ چوڌري ڀائرن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت موجوده ملڪي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شهباز شريف پنهنجي ۽ نواز شريف طرفان چوڌري شجاعت حسين جي خيريت پڇي۽ چوڌري شجاعت حسين جي مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چوڌري شجاعت حسين ملاقات ۾ ن ليگ جي قائد نواز شريف جا به ٿورا مڃيا. ٻئي طرف ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب ملاقاتن جا ٽي دور ٿيا، پهرئين دور ۾ ٻنهي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ٻئي دور ۾ شهباز شريف، چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي شرڪت ڪئي، ٽئين دور ۾ شهباز شريف، شجاعت حسين شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف مخالف ڌر جي فيصلن بابت چوڌري ڀائرن کي اعتماد ۾ ورتو. شهباز شريف چيو ته بي اعتمادي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سهڪار ڪيو وڃي. توهان جي حڪومت بابت به خدشا سامهون اچن ٿا، هاڻي وڏو فيصلو ڪيو. آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان به توهان سان مليا آهن، مخالف ڌر متفق آهي، حڪومت کي گهر وڃڻ گهرجي. چوڌري ڀائرن چيو ته سياسي صورتحال تي پارٽي مشاورت ڪنداسين، ايندڙ ڏينهن اهم آهن، صورتحال تي غور ڪري حڪمت عملي اختيار ڪنداسين.ذريعن موجب ٻنهي ڌرين جي اڳواڻن وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين ملاقات ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button