پاڪستانسنڌ

پيرپاڳاري جي 65 هين سالگرهه، تقريبون، ڪيڪ ڪاٽيا ويا

حيدرآباد: حرن جي روحاني پيشوا ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پيرپاڳاري جي 65 هين سالگرهه ملهائي وئي، مختلف شهرن ۾ ڪيڪ ڪاٽيا ويا. ان سلسلي ۾ سنڌڙي تعلقي جي مختلف هنڌن پريس ڪلب تي ايم ايس ايف اڳواڻ جنيد هاليپوٽو، فقير عبدالمالڪ شر، غلام حيدر شر سالگرهه جو ڪاٽيو. حر مجاھد هوٽل تي فقير نياز محمد، فقير حبيب شر ۽ ايم ايس ايف اڳواڻ اڪرم شر ڪيڪ ڪاٽيو. هنڱورنو شھر ۾ الرضوان ڪمپيوٽر سينٽر تي ڊاڪٽر اسماعيل شر، فقير عبدالقادر شر، رحيم بخش، شير محمد درس ۽ ياسين راڄڙ تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو. ڳوٺ فقير سومار مھر ۾ فقير محمد خان مھر ڪيڪ ڪاٽيو. عمرڪوٽ ۾ حر نوجوان فورم پاران پريس ڪلب هال ۾ تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن دوران مولوي شاھه محمد ڪورائي سڪندري دعا گهري. ان موقعي تي عارف مهر، مراد ڀنڀرو، مگهن مهر، فقير لال محمد، منور وڪيل، شوڪت مهر، خير محمد مهر، غلام مصطفى مهر ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڇاڇرو ۾ پيرپاڳاري جي سالگرهه ملهائي وئي. تقريب کي ڊاڪٽر فاروق عبدالله، جي ڊي اي اڳواڻ حاجي قمرالدين راهمون، فنڪشنل ليگ ضلعي ٿرپارڪر جي جنرل سيڪريٽري اسماعيل راهمون، درگاهھ ٻورلي محمود شاھه جي گادي نشين سائين ڏنو شاهھ، ليکڪ حافظ مهراڻ، فنڪشنل ليگ اسلام ڪوٽ جي صدر فقير الهبچايو وڪيو، شاهھ محمد شاهھ سڪندري، فقير حاجي عنايت راهمون، فقير غلام مصطفى ميمڻ، فقير اميد علي نهڙي، لجپت مهيشوري، تعلقي ڇاڇري جي جنرل سيڪريٽري بائيخان سميجو، فقير رمضان راهمون، ٿر ڪلياڻ ۽ کاهوڙ چوڪي جي خليفن خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button