اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف جي صدر ۽ وزيراعظم سان ڌار ڌار ملاقات

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جتي ملڪي سلامتي لا سيڪيورٽي فورسز جي قربانين تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ آرمي چيف تشدد پسند عنصرن جي خاتمي جو عزم ورجايو. ايوان صدر مان جاري ڪيلبيان مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ قومي سلامتي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف وزيراعظم جي آفيس طرفان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران پاڪ فوج جي پيشوراڻن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button