پاڪستانسنڌ

ڪڍڻ ۾ پ پ ايم پي اي ۽ ايم اين اي خلاف ڪلوئي جي جيالن مظاهرو ڪيو

ڪڍڻ: ڪڍڻ ۾ ڪلوئي جي پ پ جيالن پي پي ايم پي اي ۽ ايم اين اي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. خبر موجب موجب ڪڍڻ ۾ تعلقي ڪلوئي جي رهواسي پي پي جيالن ڪامريڊ رفيق لنڊ، عبدالله لنڊ، قائم لنڊ، مير حسن لاشاري، شريف لاشاري، مبارڪ لنڊ ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسين پي پي جا ورڪر آھيون.

اسان جيل ڪاٽيا پر هن وقت اسانجا ايم پي اي ۽ ايم اين اي اسان جي ڪابه سار نٿا لهن. اسان وٽ چورين جو وڏوآزار آھي، چورن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ٿئي. هنن پي پي جي اعلى قيادت کان مطالبو ڪيو ته اسان ورڪرن جي مالڪي ڪري اسان ۾ پکڙيل بيچني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button