اسلام آبادپاڪستان

فيصل واوڊا جي نااهلي خلاف درخواست شنوائي لا مقرر

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر فيصل واوڊا پنهنجي نااهلي جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. فيصل واوڊا ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي نااهلي واري فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن نااهلي جو فيصلو جاري ڪرڻ جو اختيار نٿو رکي، ان لاءِ 9 فيبروري جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف ايڊووڪيٽ وسيم سجاد ذريعي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي. کيس نااهلي جو فيصلو ڏيڻ جو اختيار نه هو. اليڪشن ڪميشن ڪورٽ آف لا ناهي. ان ڪري نااهلي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. جڏهن ته عدالت ۾ درخواست شنوائي لا اڄ مقرر ڪئي وئي آهي، چيف جسٽس شنوائي ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button