اسلام آبادپاڪستان

وفاقي ڪابينا هٿياربند فوج جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:وفاقي ڪابينا هٿياربند فوجن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسٽي آرڊر جي ڪري حڪومت جا کربين رپيا ڦاٿا پيا آهن ۽ انتظامي بحران پيدا ٿي چڪو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ڪابينا آرمڊ فورسز جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني آهي. اسٽي آرڊرز سبب حڪومت جا کربين رپيا ڦاٿل آهن، جنهن سبب انتظامي بحران پيدا ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته شگر ايڊوائزري بورڊ بابت حتمي فيصلو ناهي ٿيو، اين آءِ ايڇ آر سي کي ٽوڙيو ويو آهي. ڪابينا حڪومت ۽ اعليٰ عدليا وچ ۾ اهم ملڪي معاملن تي صلاح مشوري لاءِ فورم قائم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. ان فورم جي موجودگي ۾ اهم انتظامي معاملن ۾ غير ضروري التوا کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. فواد چوڌري ٻڌايو ته ٽيڪس جا ڪيس، سرمائيڪاري، انتظامي مقررين تي اسٽي آرڊر جهڙن اهم ڪيسن سبب ملڪ کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي. اسان کي هر مهيني 150 کان وڌيڪ اسٽي آرڊر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن وقت ايف بي آر جا 3 هزار ارب رپيا ۽ ريگوليٽري اٿارٽيز جا 250 ارب روپين جا ڪيس مختلف عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن. جيڪڏهن اسٽي آرڊر جي مدت طئي ڪئي وڃي ته ان سان ملڪ ۽ قوم کي فائدو ٿيندو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته وفاقي ڪابينا اهم شخصيتن خاص طور تي عورتن مٿان الزامن ۽ انهن خلاف سوشل ميڊيا تي ڪڌا الزام لڳائڻ جي سلسلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ زور ڏنو آهي ته ان جي تدارڪ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. وفاقي ڪابينا وفاقي حڪومت طرفان پاڪستاني عوام کي 127 ارب رپين جي مفت ڪرونا ويڪسين ڏيڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين به پيش ڪيو. ڪابينا اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم سازي جي منظوري ڏني آهي، اپوزيشن بابت ڳالهيون ڪندي. فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن ٽن سالن دوران 13 ڀيرا حڪومت هٽائڻ جي ڪوشش ڪري چڪي آهي. مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف، مريم، بلاول ڀٽو ۾ حڪومت کي هٽائڻ جي طاقت ناهي، هي پنهنجي بار هيٺيان دٻيل آهن. ن ليگ 6، پيپلز پارٽي 5 ڊويزن جي پارٽي آهي. هنن جي گڏ ٿيڻ جو مقصد پنهنجن ڪيسن تان ڌيان هٽائڻ آهي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اوورسيز پاڪستانين لاءِ ڌار عدالتون هونديون. تڪڙو انصاف هر شهري جو حق آهي. مڪاني چونڊن ۾ ثابت ٿي ويو آهي ته چونڊن جو اي وي ايم ذريعي ٿيڻ تمام ضروري آهي. سعود عرب سان قرضن جي ري شيڊولنگ ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي ڪريل زبان استعمال ڪئي پئي وڃي. سوشل ميڊيا جي حوالي سان قانونسازي نه ٿيڻ سبب ائين ٿي رهيو آهي. چڙ ڏياريندڙ مهم هلائي پئي وڃي. ڪابه ڪارروائي نه پئي ٿئي. جيڪڏهن انهن ڪيسن ۾ ڪنهن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته اهو ٻن ڏينهن ۾ ضمانت ڪرائي گهر هليو ويندو آهي. سوشل ميڊيا جي حوالي سان هاڻ سخت قانون ٺاهيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button