اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۾ تيل جي پيداوار نٿي ٿئي،مهانگو ڪرڻو ئي پوندو:فواد چوڌري

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري واضح ڪيو آهي ته عالمي منڊي ۾ تيل اسمن جون قيمتون وڌنديون ته پاڪستان ۾ به اضافو ٿيندو. قيمتن کي گهڻي دير تائين وڌڻ کان روڪڻ اسان لاءِ ممڪن نه آهي. يورپ آمريڪا جي تڪرار سبب تيل مهانگو ٿئي پيو، اسان وٽ ٻيو ڪو چارو ناهي. تيل مهانگو ڪرڻ جو فيصلو ڪابينا نه پر حالتن تي ٻڌل هوندو آهي. اڱاري تي وفاقي وزير وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين ڪرڻ ناڻي واري وزارت ۽ پيٽروليم وزارت جو ڪم آهي. پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي پيداوار نٿي ٿئي، اسان کي عالمي منڊي کان پيٽروليم شيون خريد ڪرڻيون ٿيون پون. عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌنديون ته هتي به قيمتون وڌنديون. هن چيو ته ڪابينا وزارت ڪامرس جي سفارش تي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن منظوري کان پوءِ بورڊ ۾ چيئرمين اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن، وزارت ڪامرس، صحت واري وزارت ۽ ناڻي وزارت جا نمائندا سرڪاري ڊائريڪٽرز طور شامل ٿيندا. وفاقي وزير چيو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ اقتصاديات جا ماهر همايون بشير، محترمه پورو سداوا، معين فودا ۽ انور منصور خان مختيارڪار ڊائريڪٽرز طور شامل ٿيندا. هن چيو ته ڪابينا بين الاقوامي ڪمپني پي گيوٽ کي پاڪستان ۾ گاڏين جو ڪاروبار شروع رڪڻ جي حوالي سان ڪمپني جون گاڏيون ٽيسٽنگ لاءِ ٻاهران گهرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. هن ٻڌايو ته ڪابينا انساني همدردي جي بنياد تي 34500 ميٽرڪ ٽن مڱن جي دال ورلڊ فوڊ پروگرام تحت افغانستان ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ جاري ڪيل بين الاقوامي بانڊز جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. ڪابينه هدايت ڏني ته انهن بانڊز کي انتظامي تحفظ فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ناڻي واري وزارت ۽ قانون واري وزارت مشاورت ڪن. وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڊاڪٽر نويد حامد کي وڌيڪ ٽن سالن لاءِ مانيٽري پاليسي ڪميٽي تي ميمبر طور مقرر ڪرڻ ۽ قانون واري وزارت جي سفارش تي لا اينڊ جسٽس ڪميشن ۾ مقررين جي منظوري ڏني. ڪميشن ۾ جسٽس رٽائرڊ ميان محمد اجمل، جسٽس رٽائرڊ فيصل عرب، جسٽس رٽائرڊ محمد سيرعلي ۽ سينيئر ايڊووڪيٽ اياز ظهور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته شهبازشريف جا ڪيس سڌي طرح عوام کي ڏيکاريا وڃن. ماڻهن کي پتو پوي ٿو مقصود پٽيوالو مسرور احسن ۽ منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽن مان ڪيئن اربين رپيا شهبازشريف اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿيا. چوڌري فواد چيو ته فرخ حبيب انهن ڪيسن جي حوالي سان هڪ ٺهراءُ قومي اسيمبيل ۾ پيش ڪندو. في الحال بي اعتمادي رٿ نظر نه پئي اچي، مون کي ته هي جيلن ۾ نظر اچي رهيا آهن. هن چيو ته هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاڪستان جو اسپانسرڊ ٺهراءَ جي منطوري ڏني آهي، جنهن ۾ فيڪ نيوز کي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button