اسلام آبادپاڪستان

شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف سازشن جو الزام؛ اڳوڻن فوجي آفيسرن جي اپيلن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد:شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف سازشن جي الزام جي سلسلي ۾ اڳوڻن فوجي آفيسرن جي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ، ڪورٽ مارشل سزائن خلاف اڳوڻن فوجي آفيسرن ڪرنل رٽائرڊ آزاد منهاس ۽ ڪرنل رٽائرڊ عنايت طرفان داخل اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. گذريل ڏينهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني اسپيشل بينچ اپيلن تي شنوائي ڪئي. ان دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته درخواست ڪندڙ اڳوڻا فوجي آفيسر آرٽيڪل 3/184 تحت عدالت آيا آهن، ذاتي مفاد لاءِ آرٽيڪل 3/184 جو دائري اختيار استعمال نٿو ٿي سگهي. جوابدارن کي سزائون آرمي ايڪٽ مطابق ڏنيون ويون. درخواست ڪندڙن جو اپيلون خارج ٿيون. آرمي چيف درخواست ڪندڙن جي سزائن ۾ توثيق ڪئي. سپريم ڪورٽ، ڪورٽ مارشل جي سزائن خلاف اڳوڻن فوجي آفيسرن ڪرنل رٽائرڊ آزاد منهاس ۽ ڪرنل رٽائرڊ عنايت پاران داخل اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ 25 سال اڳ ڪيس ۾ ميجر جنرل ظهير اسلام ۽ برگيڊئير مستنصر بلا کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ياد رهي ته هن ڪيس ۾ عسڪري ادارن 1995ع ۾ ميجر جنرل ظهير اسلام ۽ برگيڊئير مستنصر بلا سميت 38 فوجي آفيسرن کي حراست ۾ ورتو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button