پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ نوجوان جي خودڪشي، ٻئي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي، هڪ همراهه پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي. رپورٽ موجب عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ ڌناسر ۾ 25 ورهين جي نوجوان آچار ولد بابو ڪولهي گھر جي ڪمري ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان گهرو اڻبڻت سبب ڦاهو کاڌو آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس سرزمين تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال عمرڪوٽ پهچايو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ڳوٺ سليمان راڄڙ جي رهواسي نوجوان ڀڳوان داس ولد نارو ڪولهي گهرو اڻبڻت سبب پاڻ کي پئٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، نوجوان کي بيهوشي حالت ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ آڻي طبي امداد ڏني وئي، جتي ڊاڪٽرن موجب نوجوان جو 70 سيڪڙو کان وڌيڪ جسم سڙي ويو آهي. نوجوان جي چاچي لونگ ڪولهي ٻڌايو ته نوجوان پنهنجي گهرواري کان ناراض ٿي اهڙو قدم کنيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button