پاڪستانسنڌ

هالا لڳ ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر، عورت فوت، 4 ڄڻا زخمي

هالا: هالا ويجهو نيشنل ها وي تي تيزرفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي هڪ عورت ۽ ٽن معصوم ٻارن سميت 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا. جن کي فوري طور تي تعلقه اسپتال هالا پهچايو ويو. جتي زخمي عورت رام پياري زال شيوو ڪولهي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويئي. جڏهن ته زخمي ٿيل شيوو ڪولهي ۽ فوتي عورت جي 3 معصوم ٻارڙن سورج، راجو ۽ نارو کي فوري طور تي سول اسپتال حيدرآباد روانو ڪيو ويو. جڏهن ته حادثي ۾ فوت ٿيل عورت جي لاش کي وارث پنهنجي اباڻي شهر ميرپورخاص کڻائي ويا. ٻئي طرف هالا پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button