پاڪستانسنڌ

ضلعي ۾ ڪرونا جو بوسٽر ڊوز لڳايو وڃي:ڊي سي عمرڪوٽ

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ھلندڙ ڪرونا جي وئڪسين مھم ۾ وڌيڪ بھتري آڻي وڌ ۾ وڌ ماڻھن کي ڪرونا وئڪسين جو ٻيو ڊوز ۽ بوسٽر ڊوز لڳايو وڃي. اھڙن خيالن جو اظهار ڊي سي طاھر علي ميمڻ پاران ڊي سي آفيس جي دربار ھال ۾ ڪرونا ويڪسينيشن مھم جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊي سي پاران ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ارجن ڪمار مھيشوري کان ضلعي ۾ ڪرونا مھم جي ڪارڪردگي ۽ حڪومت پاران ڏنل ٽارگيٽ بابت بريفنگ ورتي. ھن ڊي ايڇ او کي ھدايت ڪندي چيو ته ضلعي جي سمورن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ ماڻهن کي ڪرونا وئڪسين جو ٻيو ڊوز ۽ بوسٽر ڊوز لڳايو وڃي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ارجن ڪمار مھيشوري پڻ ڳالهايو. هوڏانهن ڊي سي آفيس ۾ ترقياتي منصوبن بابت پڻ اھم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي ڊي پي ۽ ايم اينڊ آر جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊي سي طاھر علي ميمڻ چيو ته ضلعي جي سمورين ھلندڙ ترقياتي اسڪيمن جو ڪم معياري ۽ اعلي ڪوالٽي جو ڪري اسڪيمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن سمورن عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو ته سموريون ضلعي اي ڊي پي ۽ پراونشل اي ڊي پي جون اسڪيمون جلد مڪمل ڪيون وڃن. ھن بلڊنگ کاتي جي عملدارن کان سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته حڪومت فنڊ جاري ڪيا آهن، پر خرچ ڇو نٿا ٿين، جنهن تي انجنيئر بلڊنگ ٻڌايو ته ضلعي ۾ ايڪسيئن نه ھجڻ ڪري اسڪيمون مڪمل نه ٿي سگھيون آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button