اسلام آبادپاڪستان

فيصل واوڊا تاحيات نااهلي جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:تحريڪ انصاف جي اڳوڻي سينيٽر فيصل واوڊا تاحيات نااهلي جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن طرفان پنهنجي نااهلي جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف اپيل ايڊووڪيٽ وسيم سجاد طرفان داخل ڪئي وئي آهي. اپيل ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ مخالف ڌر پاران شڪايت ڪندڙ کي ڌر بنايو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي تاحيات نااهل ڪرڻ جو اختيار نه هو. اليڪشن ڪميشن مجاز ڪورٽ آف لا ناهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به تڪڙ ۾ اپيل رد ڪري ڇڏي. اپيل ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن جي نااهلي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي سينيٽر جي عهدي تي بحال ڪيو وڃي. ياد رهي ته هاءِ ڪورٽ طرفان اپيل رد ٿيڻ کان پوءِ فيصل واوڊا هاڻ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button