اسلام آباد: ڳڻپ واري کاتي مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. ملڪ ۾ پيٽروليم شين جو اگهه وڌڻ بعد 28 شيون مهانگيون ٿيون آهن. ان ڏس ۾ ڪالهه ڳڻپ واري وفاقي کاتي جي رپورٽ موجب تازي هفتي ۾ مهانگائي جي شرح 0 ڏهائي 22 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 18 ڏهائي 09 سيڪڙو ٿي وئي آهي. مهانگائي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غريب طبقو پيڙهجيو آهي، غريبن لا مهانگائي جي شرح 19 ڏهائي 40 سيڪڙو رهي. ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي دوران پيٽرول، ڊيزل، ٿوم، ٽماٽي، ڪڪڙ جي گوشت، گيهه، اٽو، چانور، ماچيس، ڪاٺيون، ڪپڙن ۽ دالين سميت 28 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي. رپورٽ موجب ٿوم 37 رپيا 76 پئسا في ڪلو، ٽماٽو 5 رپيا 54 پئسا، ڪڪڙ جو گوشت 6 رپيا 21 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو. اهڙي ريت هڪ هفتي ۾ گيهه 3 رپيا 83 پئسا مهانگو ٿيو. جڏهن ته مٽن، بيف، چڻن جي دال، مهري جي دال، کير ۽ ڌونئرو به مهانگو ٿيو. رپورٽ موجب بصر 51 پئسا، پٽاٽو 33 پئسا في ڪلو، 20 ڪلو اٽو 3 رپيا 12 پئسا ۽ کنڊ 47 پئسا في ڪلو سستي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close