پاڪستانسنڌ

راڌڻ ڀرسان ڳوٺ تي چڙهائي، نينگر کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام

راڌڻ ڀرسان پوليس جي وڏن اٽالن ڳوٺ علي آباد ۾ ممتاز جتوئي جي گهرن تي چڙهائي ڪري 11 ورهين جي نينگر معشوق جتوئي کي مبينا کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف ڳوٺاڻن وقار جتوئي، بدرالدين جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته ارشاد واڍو جو خون اسان مٿان زوري مڙھيو ويو آھي، جنهن ۾ اسان جا ٽي ڄڻا دادو جيل ۾ واڙيل آھن، پر پو به پوليس گهرن تي ڪاھه ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري نينگر کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻه ڇيلا، سونا زيور ۽ روڪ رقم پڻ پوليس کڻي وئي آھي، اڳ به اڳوڻي ايس ايڇ او اسان جو هڪ ماڻھو ها ڪورٽ مان کنڀي گم ڪيو آھي، جنهن جو ڪيس عدالت ۾ ھلندڙ آھي. هنن اعليٰ اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button