پاڪستانسنڌ

سردار چانڊيو، برهان خان ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش، شنوائي ملتوي

دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي پي مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ام رباب چانڊيو ۽ ڪيس جو فريادي پرويز احمد چانڊيو وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ عدالت پهتا. الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سرار احمد چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلو محفوظ هجڻ سبب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن هاءِ ڪورٽ ۾ اسٽي آرڊر تي وڪيلن دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪيو آهي، جنهن ڪري دادو جي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪئي آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پراسيڪيوٽر فريادي ڌر سان گڏ بيهڻ بدران مخالف ڌر سان گڏ بيٺل نظر آيو، جنهن مان واضع آهي ته سنڌ حڪومت جوابدارن جي حمايت ڪري رهي آهي، اسان پراسيڪيوٽر جنرل کي گذارش ڪنداسين ته هن ڳالهه جو نوٽيس وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button