پاڪستانسنڌ

فريدآباد ڀرسان ڪتن شاگرد کي ڏاڙهي وڌو، مخالفن تي بڇ جو الزام

فريدآباد لڳ ڳوٺ ڪنڊو واهھ جو رھواسي 11 ورھين جي شاگرد فواد حسين سولنگي ڳوٺ کان اسڪول اچي رھيو ھو ته مخالفن الھورايو، مور سولنگي ۽ مسعود سولنگي گھٽي ۾ بيھي ڪتن جي بڇ ڪئي، جنهن تي ڪتن شاگرد فواد حسين سولنگي کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، جنهن بعد وارثن مخالفن جي وارثن کي دانهن ڏني ته جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي زخمي شاگرد جي ڀا ذاڪر سولنگي کي لتن مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو، جنهن کان پو ڳوٺاڻن کين ڇڏائي ورتو. جڏهن ته شاگرد فواد سولنگي جي وارثن محبوب سولنگي، ذاڪر سولنگي ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب فريدآباد آڏو دانهيندي چيو ته مخالف الھورايو، مور ۽ مسعود شاگرد تي ڪتن جي بڇ ڪرائي، جنهن ڪري فواد سولنگي زخمي ٿيو آهي. هنن اختيارين کان ڪتن جي بڇ ڪرائيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ھوڏانھن فريدآباد ٿاڻي تي الھورايو، مور ۽ مسعود تي اين سي داخل ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button