اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 26 مريض فوت،هڪ هزار 983 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد :ڪرونا وائرس جي پنجين لهر وڌيڪ 26 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 29 هزار 976 ٿي ويو.پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 14 لک 98 هزار 676 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 983 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 98 هزار 322، سنڌ ۾ 5 لک 63 هزار 314، خيبرپختونخوا ۾ 2 لک 14 هزار 277، بلوچستان ۾ 25 هزار 206، گلگت بلتستان ۾ 11 هزار 320، اسلام آباد ۾ هڪ لک 33 هزار 702، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 42 هزار 535 ڪيسز رپورٽ ٿيا. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 60 لک 44 هزار 959 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button