اسلام آبادپاڪستان

انتظامي ۽ جڊيشل اختيارن بابت ڪميٽيون قائم،جسٽس فائز کي اهم ذميواريون

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال انتظامي ۽ جڊيشل اختيارن بابت ڪميٽيون نئين سر جوڙي ڇڏيون.پڌرائي موجب چيف جسٽس عمر عطا بنديال بلڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين هوندو. جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه شامل آهن. پڌرائي موجب بلڊنگ ڪميٽي سپريم ڪورٽ جون عمارتون، ججن جا گيسٽ هائوسز وغيره جا معاملا ڏسندا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي سپريم ڪورٽ ريسرچر سينٽر افيئرز ڪميٽي جو انتظامي جج مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ريسرچ سينٽر افيئرز ڪميٽي ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل آهن. پڌرائي موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لا ڪلرڪ پروگرام ڪميٽي جو سربراهه هوندو، لا ڪلرڪ پروگرام ڪميٽي ۾ جسٽس مظهر عالم ميان خيل به شامل هوندو ۽ اها ٻه رڪني ڪميٽي لا ڪلرڪن جي مقررين جي سفارش ڪندي. سپريم ڪورٽ جي ترجمان ٻڌايو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آن رڪارڊ انرولمنٽ ڪميٽي جو چيئرمين به هوندو، ان ڪميٽي ۾ جسٽس مقبول باقر، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس قاضي امين شامل هوندو. پڌرائي موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بلوچستان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن، جسٽس طارق مسعود اسلام آباد، جسٽس اعجاز الاحسن پنجاب، جسٽس مظهر عالم خيبر پختونخوا ۽ جسٽس سجاد علي شاهه اي ٽي سيز سنڌ جو مانيٽرنگ جج هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button