پاڪستانسنڌ

مهانگائي عوام جي چيلھه ڄٻي ڪري ڇڏي آھي:شهنشاهه نقوي

شھدادپور: ملڪ جي موجوده صورتحال بهتر ناهي. مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڪرپشن عوام جي چيلھه ڄٻي ڪري ڇڏي آھي، لاقانونيت وڌي وئي آھي. اهڙي حالتن ۾ پورهيت طبقو پيسجي رهيو آھي. اهڙن خيالن جو اظهار شيعه اڳواڻ ۽ عالم علامه شهنشاھه نقوي شھدادپور ۾ حسيني امام بارگاهھ مسجد جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۽ چيئرمين فروغ عزاداري فهد خان وساڻ جي رهائشگاھه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. مهانگائي سبب مسلسل غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿيندي پئي وڃي. پيٽرول جي اگهه ۾ اضافي بعد مهانگائي پورهيت طبقي جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته صحافي اطهر متين جي شهادت ۽ محسن بيگ ۽ سعد الله ميمڻ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. نواب ولي محمد ۽ نئون ڪوٽ واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ان موقعي تي پ پ ايم پي اي شاهد خان ٿهيم، اڳوڻي ضلعي چيئرمين خادم حسين رند، فھد خان وساڻ، ڊاڪٽر قمبر علي مري، انجنيئر احسان شاھه، عمران شاهه، انور علي عباسي، حبدار خاصخيلي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button