پاڪستانسنڌ

جماعت اسلامي پاران مهانگائي خلاف سکر ۾ ڌرڻي جو اعلان

ٽنڊوآدم: جماعت اسلامي سنڌ جي امير مولانا محمد حسين محنتي چيو آهي ته سنڌ بدامني جي باھه ۾ ٻري رهي آهي. نواب ولي محمد واقعي ۾ حڪمرانن پاران 5 بيگناھه ھارين ۽ ھڪ پوليس عملدار کي مارڻ سبب ڪنڌ شرم وچان جهڪيل آھن. زرداري مافيا زمينن تي قبضن لاءِ پنھنجي ئي ماڻهن جو قتلِ عام ڪيو. ھن چيو ته تعليمي ادارن ۾ استادن ھٿان شاگردياڻيون به محفوظ نه آهن، پروين رند سميت لاڙڪاڻي ۽ نوابشاھه ۾ ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، پر حڪومت خبر ناهي ڪٿي غائب آهي. اھڙو اظھار ھن ٽنڊوآدم پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته جيستائين قاتلن کي سزائون نه ملنديون، تيستائين صورتحال بھتر نه ٿيندي. ھن چيو ته ايندڙ مڪاني چونڊن لاءِ ضلعي سانگهڙ ۾ تڪبندين ۾ حڪومتي ڌر کي کٽرائڻ لاءِ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، ان کي عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين ۽ اليڪشن ڪمشنر وٽ دانھينداسين. هن چيو ته جماعت اسلامي سنڌ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ وياجي نظام توڙي حڪومت جي عوام دشمن فيصلن خلاف 4 مارچ تي سکر ۾ مرڪزي امير سراج الحق جي قيادت ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪندي سنڌ ۾ تحريڪ کي تيز ڪرڻ جو اعوان ڪيو. ان موقعي مشتاق عادل، عبدالغفور انصاري، رفيق شيخ ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button