اسلام آبادپاڪستان

بجلي 6 رپيا 10 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جون تياريون

اسلام آباد :ملڪ ۾ تازو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ڪرڻ کانپوءِ حڪومت طرفان مهانگائي جي ماريل عوام لا هاڻي بجلي جي اگهن ۾ به وڏي واڌ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ڪالهه سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست موڪلي ڇڏي آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي سي پي پي اي بجلي جي قيمت ۾ 6 رپيا 10 پئسا في يونٽ واڌ ڪرڻ جو چيو آهي. بجلي جي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ جي صورت ۾ عوام لاءِ اڃا به وڌيڪ پريشانين ۾ اضافو ٿي ويندو. نيپرا جو چوڻ آهي ته درخواست جنوري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان ڪئي وئي هئي، جنهن جي شنوائي 28 فيبروري تي ٿيندي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ بجلي جي سڀني ڊسٽري بيوشن ڪمپنين لاءِ آهي. واضح رهي ته تازو ئي پيٽرول جي قيمت ۾ 12 رپيا 3 پئسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ويو آهي ته جنوري ۾ بائيڊل کان 5 ڏهائي 83 سيڪڙو، ڪوئلي مان 33 ڏهائي 15 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. ڊيزل مان 6 ڏهائي 37 سيڪڙو، فرنس آئل مان 14 ڏهائي 07 سيڪڙو، مقامي گيس مان 14 ڏهائي 37 سيڪڙو ۽ ايل اين جي مان 7 ڏهائي 12 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. اهڙي طرح جوهري ٻارڻ مان 14 ڏهائي 37 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. هوا مان 2 ڏهائي 22 سيڪڙو ۽ بگاس مان 1 ڏهائي 22 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button