پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ گهر کي باهه، نياڻي جي ڏاج سميت سامان رک

چيلھار: چيلھار کان نئون ڪوٽ روڊ تي آباد ڀيلن جي پاڙي ۾ ميوو پٽ ويڏو ڀيل جي گھر کي اوچتو باهھ لڳي وئي، جنهن سبب بسترا، زيور، کٽون، سڃاڻپ ڪارڊ، ٻني جا ڪاغذ، پيتيون ۽ ٽن چوئرن ۾ موجود سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. متاثر ٿيل گھر روڊ ويجھو ھجڻ باوجود فائربرگيڊ گاڏي وقت تي نه پهتي، جنهن سبب وڏو نقصان ٿيو. متاثر ميوو ڀيل چيو ته منھنجي نياڻي جي شادي ڪجهھ ڏينھن ۾ ٿيڻي آھي، نياڻي جو ڏاج به سڙي ويو آهي. هن ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته نياڻي جو ڏاج وٺي ڏئي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button