پاڪستانپنجاب

حڪومت لاءِ اپوزيشن ڪو مسئلو ناهي، اصل مسئلو مهانگائي جو آهي:وفاقي وزير غلام سرور

راولپنڊي :هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته هن وقت بظاهر ته حڪومت کي تحريڪ عدم اعتماد ۽ اپوزيشن جي لانگ مارچ جهڙا 2 اهم معاملا درپيش آهن پر حڪومت لاءِ مخالف ڌر ڪو مسئلو ناهي، اصل مسئلو صرف مهانگائي جو آهي. مهانگائي هڪ عالمي مسئلو پڻ آهي، اپوزيشن، ن ليگ ۽ پي ڊي ايم انتشار جو شڪار آهن، اپوزيشن اسٽيبلشمنٽ سان ڊيل جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر راولپنڊي اسلام آباد هڪ پيج تي آهن، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ حڪومت ۽ اپوزيشن جو گڏيل فيصلو هو، آرمي چيف جي توسيع ۾ اهو ئي فيصلو ٿيندو جيڪو قوم جي مفاد ۾ هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پنهنجي سيڪريٽريٽ ۾ هفتيوار پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن 3 سالن کان عدم اعتماد ۽ لانگ مارچ ڪري حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، هاڻي به پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي، ان باوجود وزارتن پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان پرفارمنس جو معيار قائم رکيو آهي. اپوزيشن استعيفيٰ ڏيڻ ۽ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي پر استعيفيٰ نه ڏني. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ سنڌ ۽ مدرسن جي ٻارن کي اسلام آباد ڏسڻ جو موقعو ملندو، عدم اعتماد جي تحريڪ کي وزيراعظم عمران خان مقابلي جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهين سان غير يقيني صورتحال پيدا ٿي آهي، ملڪن لاءِ غير يقيني زهر قاتل آهي، ماضي ۾ به ٽاڪ شوز ۾ پ پ ۽ ن ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون ٿينديون هيون. مهانگائي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تيل مهانگو ٿيندو ته گيس به مهانگي ٿيندي ۽ سڀ ڪجهه مهانگو ٿيندو. هن وقت سڄي دنيا جي معيشت ڏکيائين جو شڪار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button