پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ۾ چوڪيدار سميت 2 نوجوان کنڀجي ويا، وارثن جو احتجاج

سنڌڙي: سنڌڙي ٿاڻي جي حد بان موري ڀرسان ٽاور رستي تان ٽاور جي چوڪيدار منٺار علي عرف پپو شر ۽ منظور شر کي صبح سوير کنڀيو ويو. نوجوانن جي وارثن الهرکيو، غلام علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان جي 2 نوجوانن کي 5 گاڏين ۾ سوار نامعلوم سادا ڪپڙا پھريل اهلڪارن گھر ۽ ٽاور تي چڙھائي ڪري کنڀيو آهي، جن کي گم ڪيو ويو آهي، اسان جي نوجوانن جي گرفتاري ظاهر نٿي ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو چيو ته اسان جي نوجوانن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏھن ڏوهي آھن ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button