اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان دنيا جي 139 ملڪن ۾ سڀ کان گهٽ مهانگو آهي:شوڪت ترين

اسلام آباد : ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي 139 ملڪن مان سڀ کان سستو ملڪ آهي. شوڪت ترين ريٽنگ ايجنسي نمبو جي فهرست جو هڪ اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو. هن ڪيپشن ۾ لکيو ته پاڪستان دنيا جي 139 ملڪن ۾ سڀ کان گهٽ مهانگو آهي. ناڻي واري وزارت به شوڪت ترين جي ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪيو. وفاقي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته رهائشي اعتبار سان پاڪستان 138 ملڪن جي ڀيٽ ۾ سستو آهي. رهائش جي لحاظ کان سمورن ملڪن ۾ پاڪستان جو 139 هون نمبر آهي. شوڪت ترين مختلف ملڪن جي رهائشي لحاظ بابت سروي جو انڊيڪس شيئر ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ رهڻ جي لاڳت، آمريڪا جي ڀيٽ ۾ سراسري 71 ڏهائي 52 سيڪڙو گهٽ آهي. پاڪستان ۾ ڪرايو سراسري طور آمريڪا جي ڀيٽ ۾ 90 ڏهائي 64 سيڪڙو گهٽ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪراچي نيويارڪ کان 79 ڏهائي 35 سيڪڙو گهٽ مهانگو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button