اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ،فضل الرحمان ۽ زرداري ۾ اڄ ملاقات ٿيندي

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي صلاح مشوري لاءِ حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينت (پي ڊي اي) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ملاقات طئي ٿي وئي آهي. تفصيل موجب اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ سومر تي مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪندو. ٻنهي سياسي شخصيتن جي ملاقات ۾ حڪومت جي خلاف بي اعتمادي رٿ بابت صلاح مشورا ۽ حڪومتي اتحادين سان رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف زرداري جي مان ۾ منجهند جي ماني جو به اهتمام ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button