پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ واقعي بعد پوليس متاثرن کي آسرا ڏيندي رهي:حليم عادل

نئون ڪوٽ/ مٺي: نئون ڪوٽ ۾ سنڌ اسمبلي جو پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ باغ پاڙي پهچي اغوا بعد زنا جو نشانو بڻيل عورتن ۽ مائٽن سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ جھنگل جو قانون آهي، 14 ورهين جي معصوم نياڻي ۽ 18 سالن جي ڇوڪري کي نه ڪيل ڏوهه جي سزا ڏني وئي. متاثرن جا وارث ٿاڻي تي چڪر ڪاٽيندا رھيا، پر ٿاڻيدار چونڊيل ايم پي اي کان ھدايتون وٺندا ۽ متاثرن کي آسرا ڏيندا رهيا، 27 ڪلاڪ عورتون وحشي بگھڙن حوالي ھيون، جن عورتـن سان اجتمائي لڄالٽ ڪئي، بااثر ڀوتار جي ٻڪري چوري ٿئي ٿي ته يڪدم قانون حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو، نياڻين ٻڌايو ته زيادتي بعد وڏي تذليل ڪئي وئي. ايس ايڇ او ۽ اھلڪارن کان وٺي ڊي ايس پي تائين گٺجوڙ ۾ ھئا، متاثرن جي ڌرڻي بعد قانون چرپر ۾ آيو. جي آئي ٽي جوڙي ۽ مستقبل طور متاثرن جي ڳوٺ اڳيان پوليس پڪٽ لڳائي وڃي. نوشين ۽ نمرتا خودڪشي نه ڪئي ھئي، کين قتل ڪيو ويو آهي. ھڪ سوال جي جواب ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته 18 ترميم بعد وفاق ڪجهھ به ڪري ٿو ته سنڌ تي حملو قرار ڏنو وڃي ٿو. ناظم جوکيو جو ڪيس اسان ھيڊل ڪيو آهي، ڪٿي به زيادتي ٿي ته خاموش نه ويھنداسين. ھتي اچي معلوم ٿيو آهي ته مک جوابدار نواز ٽنگڙي تي 26 ۽ حيات ٽنگڙي تي 31 ڪيس داخل آهن، ايترن ڪيسن باوجود اهي وڏي مشڪل سان قانون جي گرفت ۾ آيا آهن. هوڏانهن حليم عادل شيخ مٺي ڀرسان ڳوٺ ڦانگاريو پهچي عمران خان پاران ڏنل صحت ڪارڊ جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان جو شڪريو ادا ڪرڻ آيو آهيان، جنهن ٿر واسين کي صحت جي سهولت مهيا ڪئي. صحت ڪارڊ ذريعي ٿر واسي پرائيويٽ اسپتالن مان 10-10لک رپين تائين علاج ڪرائي سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪالا باغ ڊئم خلاف آهيان. هڪ اخبار ۾ ڪوڙي خلاف هلائي وئي، مون اسيمبلي ۾ ڳالهايو آهي ته جڏهن سنڌ مطئمن ناهي ته ڪالا باغ ڊئم نه ٺهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button