پاڪستانسنڌ

ٻولي بچائڻ لا ڌرتي ڌڻين کي وارثي ڪرڻي پوندي: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد: سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ اندر ٻولين کي اوليت نه ٿي ملي، 70 سال گذرڻ باوجود سنڌي،بلوچي ۽ پنجابي سميت ٻين کي قومي ٻولي جو درجو ناهي ملي سگهيو، هن چيو ته بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 1960 ۾ پنهنجي پمفليٽ ۾ لکي ٻڌايو ته سنڌي ٻولي خطري ۾ آهي، ٻولي بچائڻ لا ڌرتي ڌڻين کي وارثي ڪرڻي پوندي، سنڌي ادب کي سگهارو ڪرڻ لا اديبن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌي سميت پاڪستان ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻين قومن جي زبانن کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button