پاڪستانسنڌ

مياڻي جنگ جي جوڌن کي نظرانداز ڪيو ويو آھي: واڻڪي وسي ۾ سيمينار

مسوڀرڳڙي: مياڻي جنگ جي سورمن جرنيل مير جان محمد ٽالپر ۽ ٻين 5 هزار شھيدن جي ياد ۾ واڻڪي وسي لائبريري ۾ سيمينار ٿي گذريو. جنهن ۾ مهمان خاص محقق امين جويو، سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سيڪريٽري مولابخش محبتي، پورهيت مزاحمت تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ نثار لغاري هئا، مياڻي جنگ تي ڳالهائيندي امين جويو چيو ته سنڌ جي آخري مياڻي جنگ ۾ جرنيل جان محمد ٽالپر ۽ پنج هزار سنڌي جوڌن کي نظرانداز ڪيو ويو آھي، ان ڪري هنن شھيدن کي مياڻي جي مزاحمت ۾ زندا ڪري اجاگر ڪرڻ سنڌ جي دانشورن ۽ محققن جو تاريخي فريضو آھي. نثار لغاري سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته مياڻي جنگ ۽ ان جي شھيدن کي پنهنجو ڪرڻو پوندو ان کانسوا اسان پنهنجو قومي تشخص برقرار رکي نه سگهنداسين.

مياڻي جي جنگ اسان جو نه وسرندڙ تاريخي باب آھي. سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ مولابخش محبتي چيو ته مياڻي جنگ کي ياد ڪرڻ لا سنڌي ادبي سنگت کي پوري سنڌ ۾ مختلف پروگرام ڪري سنڌ حڪومت کي مجبور ڪري هن تاريخي معرڪي جي مالڪي ڪري پروگرام ڪري ان بابت سبق نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجن. جڏهن ته رحمت الله سولنگي، عبدالمجيد ملاح، ڪامريڊ محب لغاري، ڪامريڊ بشير لغاري، گلزار لغاري، استاد ممتاز ساند، اڪبر سولنگي، دانيال سولنگي، محب آزاد، پير بخش نوناري، اعزاز لغاري، اشوڪ ڪمار، ياسر ملاح، اميد علي لغاري، قيوم دل، بشير دل ۽ ٻين ٽقريب ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button