حيدرآباد: ايڇ يو جي، جي سڏ تي سجاول جي صحافي حافظ سعد الله ميمڻ خلاف ٽن ضلعن ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف صحافي سراپا احتجاج، مظاهرا، ڌرڻا، پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران سجاول جي صحافي حافظ سعد الله ميمڻ خلاف بااثر سياسي ڀوتارن جي چرچ تي ٽن ضلعن سجاول، ٺٽي ۽ سانگهڙ ۾ ٽي ڪوڙيون ايف آئي آرز داخل ٿيڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف ايڇ يو جي، جي صدر جئه پرڪاش موراڻي، جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
هوڏانهن ايڇ يو جي ضلعي ٽنڊو محمد خان يونٽ پاران رمضان شورو، بشير چشتي، غلام مصطفيٰ ڪاتيار، ڀٽ شاهه ۾ ايڇ يو جي ضلعي مٽياري پاران مستقيم سمون، رجب بوزدار، نوشاد ٻگهيو، ايڇ يو جي بدين يونٽ پاران شوڪت ميمڻ، هارون گوپانگ، بدين پريس ڪلب جي صدر تنوير آرائين، ايوان صحافت بدين جي صدر حاجي خالد محمود گهمڻ، ايڇ يو جي ضلعي ٺٽي يونٽ پاران خدا بخش بروهي، تنوير خاصخيلي، اسماعيل ميمڻ، شبير ڀٽِي، ڌاٻيجي ۾ مقصود احمد جوکيو، ايڇ يو جي ٽنڊوالهيار پاران غلام رسول نهڙيو، ايڇ يو جي ڄامشورو پاران قربان پنهور، ڌڻي بخش باريجو، ڪي ڪي بڙدي، ايڇ يو جي دادو يونٽ پاران گلڻ ڀنڊ، ولي محمد لنڊ ۽ ٿاڻو بولا خان ۾ غلام مصطفى ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.