پاڪستانسنڌ

نجي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ کي عيب سمجهيو وڃي ٿو: حيدرآباد ۾ ٻولي ڪانفرنس

حيدرآباد: ملڪ جي عالمن، اديبن ۽ ٻولي جي ماهرن “جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ مادري ٻولين کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لا انفرادي، ادارن توڙي سرڪاري سطح تي ڀرپور عملي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته گهرن، ڪاروبار توڙي سماجي ڪاروهنوار ۾ مادري ٻولين جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙو اظهار هنن سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي “جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ مادري ٻولين جي واڌ ويجهه” جي عنوان هيٺ منعقد ڪرايل قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جي پهرين ويهڪ جي صدارت ڪندي ناليواري عالم ڊاڪٽر نواز علي شوق چيو ته انسان ڄمڻ جي پهرين گهڙي ۾ ما سان جيڪو وچن ڪندو آهي اهو به وساري ڇڏيو آهي، اسان ڳالهيون ته ڪريون ٿا پر انهن تي عمل نٿا ڪريون، گهرن ۾ پنهنجي ٻولي نٿا ڳالهايون، پرائمري تعليم جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان کي پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته ٻولي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جو اهم ادارو “اوطاق” وارو ڪلچر ختم ٿي چڪو آهي، جتي ڳجهارتون، کل ڀوڳ ۽ ڪچهريون نج ٻولي ۾ ٿينديون هيون. اهي ختم ٿي چڪيون آهن، ڌاري ٻولي ڳالهائڻ جو اهو مطلب هرگز ناهي ته اسان پنهنجي ٻولي کي وساري ڇڏيون. اوطاق ڪلچر کي ٻيهر جيارڻو پوندو. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته اڪثر نجي اسڪول سنڌي ماڻهن جا آهن پو به الائي ڇو سنڌي پڙهائڻ کي عيب سمجهيو وڃي ٿو، ٻين ٻولين ۾ تعليم وٺڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر پنهنجي ٻولي کي به وسارڻ نه گهرجي. هن چيو تہ موجوده جديد ٽيڪنالاجي جي دور سان هلڻ لا ادارو، سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽ انٽرنيٽ تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي. ڪيترائي ڪتاب آن لائين ڪيا ويا آهن، عالم ۽ اديب ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته اسان وٽ تمام وڏو ۽ ڪارائتو علمي ذخيرو موجود آهي، اهو علمي پورهيو دنيا جي ٻين ٻولين ذريعي پهچايون ته اهو وڏو ڪم هوندو، سنڌي اسان جي مادري ٻولي آهي ان کي بچائڻ به اسانجو ڪم آهي، ناليواري شاعره فاطمه حسن پنهنجي آن لائين پيغام ۾ چيو ته جڏهن ٻار ما جي پيٽ ۾ هوندو آهي، تڏهن کان هو پنهنجي ما جي ٻولي ٻڌندو آهي.

ناليواري ڪهاڻيڪار امر جليل آن لائين پيغام ۾ چيو ته ما ٻار جي پهرين درسگاهه آهي، جتي ٻار ٻولي سکي ٿو، مون ننڍپڻ کان پنهنجي ما پي کي پڙهندي ڏٺو ۽ اهو تصور اڄ به اکين اڳيان آهي، هن وڌيڪ چيو ته گهر ورڪ پليس آهي، جتي ٻار مڪمل تيار ٿيندو آهي، تعليمدان پروفيسر ادريیس جتوئي چيو ته يونيسڪو 2022 کان 2032 تائين ٻولين ۽ ثقافتن جو ڏهاڪو ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، اسان کي پڻ ان موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي. امر فياض ٻرڙي ۽ ڊاڪٽر نذير شاڪر بروهي چيو ته سنڌي ۽ براهوي ٻوليون پاڻ ۾ تمام گهڻيون ميلاپ رکن ٿيون، ائين ٻي ڪا به ٻولي هڪجهڙائي نٿي رکي، هڪ قسم سان اهي ٻئي ٻوليون پاڻ ۾ ڀيڻون آهن. اردو ٻولي جي ليکڪه بيلا رضا جميل آن لائين پيغام ۾ چيو ته سنڌي ٻولي جي ترقي لا سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ڪم ڪري رهيو آهي، سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل چيو ته سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو سنڌي ٻاراڻا گيت، سنڌي سکيا پورٽل، سنڌي ورچوئل لائبريري، سنڌي اکر شناس، او سي آر، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ تحقيقي جنرل کي آن لائين ڪيو آهي ۽ انٽرنيٽ توڙي سنڌي ڪمپيوٽنگ تي وڌيڪ ڪم هلي رهيو آهي. ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، شبير ڪنڀار ۽ ٻين ڳالهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button