حيدرآباد: مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ “سنڌي ٻولي قومي ٻولي” جي سري ھيٺ تقريبون منعقد ڪيون ويون. حيدرآباد ۾ ڊي ٽين پليجو ھائوس تي پروگرام رکيو ويو، جنھن کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر ڪاشف ملاح، علي رضا جلباڻي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ڪراچي ۾ سچل لائبريري سچل ڳوٺ ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن کي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عاطف ملاح، مرڪزي سيڪريٽري غلام علي زئو، مرڪزي اڳواڻ نويد عباس ڪلھوڙي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.
عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو چيو ته مختلف بھانن سان سنڌي ٻولي جي وجود کي خطري ۾ وڌو ويو آھي. ڪنهن علائقي ۾ اھا ٻولي ئي وڌي ويجھي ترقي ڪري سگھندي جيڪا مارڪيٽ جي ٻولي ھوندي. ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت ڌاري آبادڪاري ذريعي، سنڌ جي مارڪيٽن ۾ ٻيون ٻوليون مڙھيون ويون آھن. سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عاطف ملاح خطاب ڪندي چيو تھ سڌريل قومون پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان چاھه رکن ٿيون.