اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن حڪومت ۾ آيس ته ڪابينا کي چوڻو پوندو هو ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي، هاڻي اپوزيشن کي چوان ٿو ته توهان کي ناهي گهٻرائڻو. قومي اي واپار پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن حڪومت سنڀالي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو هو، پاڪستان ۾ جيترو ٽئلينٽ آهي، ايترو دنيا ۾ ڪٿي به ناهي. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ بل گيٽس کان سهڪار چاهيون ٿا، ايندڙ ڏينهن ۾ ان حوالي سان خوشخبري ٻڌائينداسين. هن چيو ته دنيا جو مستقبل تمام تيزي سان ڊجيٽلائزيشن ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ ٽيڪنالاجي جو انقلاب اسان جي ملڪ ۽ نوجوانن کي بلڪل مس نه ڪرڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close