اسلام آبادپاڪستان

اپوزيشن ڏڦيڙ طرف وڃي پئي،بي اعتماد رٿ ۾ ناڪام ويندي:شيخ رشيد

اسلام آباد : وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ ۾ 172 ميمبرن کي آڻڻ اپوزيشن جو ڪم آهي، جيڪي ناڪامي تي چوندا ته فون اچي وئي هئي يا ميمبرن کي ڪرونا ٿي ويو هو. ڪالهه شيخ رشيد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اپوزيشن وڏي شوق سان اسلام آباد اچي کين ڪجهه نه ملندو. جڏهن به حڪومت مخالف تحريڪ هلي، ان جو نتيجو خواهش موجب ناهي مليو. جيڪڏهن اهي بي اعتمادي جي رٿ آڻيندا ته ان مان به ڪجهه نه ملندو ۽ ناڪام ٿي ويندي. ساڍا 3 سالن کان اوهان چئي رهيا آهيو ته اڄ اچي رهيا آهيون، سڀاڻي اچي رهيا آهيون. 172 ميمبرن کي آڻڻ اوهان جو ڪم آهي، پوءِ اهو چوندا ته فون آئي هئي، ڪرونا ٿي ويو هو. عمران خان سرخرو ٿيندو ۽ کيس ڪنهن فون ڪال جي ضرورت ناهي. وفاقي وزير چيو ته 23 مارچ تي اپوزيسن نه ايندي ۽ جيڪڏهن اچي ٿي ته اچي. اپوزيشن ڪارڊ لڪايا آهن ته عمران خان به ڇاتي سان لڳائي ڪارڊ کيڏندو آهي، ملاقاتن جو ڪجهه نه نڪرندو. اليڪشن ۾ هڪ رڳو هڪ سال رهجي ويو آهي، اپوزيش بي اعتمادي جي رٿ آڻيندي تڏهن به ڦاسندي ۽ ان جو جيڪو نتيجو ايندو ان تي به ڦاسندي. فوج واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسان چونڊيل حڪومت سان گڏ آهيون، فوج جي حڪمت عملي 20، 20 ورهين جي هوندي آهي. شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن ڏڦيڙ طرف وڃي رهي آهي جنهن سبب ڪو سياسي حادثو ٿي سگھي ٿو، جيڪو کين ڳچيءَ پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button