اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي 2 ايل اين جي پاور پلانٽس وڪڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد :وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي ٻه ايل اين جي پاور پلانٽس جون ۾ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. حڪومت آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي ايل اين جي پاور پلانٽس کي خانگائڻ جو پلان آءِ ايم ايف کي موڪلي ڇڏيو، جنهن موجب بهترين ڪارڪردگي سان بجلي پيدا ڪندڙ ٻن پارو پلانٽس کي جون ۾ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ايل اين جي پاور پلانٽس جي کي خانگائڻ جو فوري طور تي مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٻنهي پاور پلانٽس کي جون 2022ع جي آخر تائين وڪرو ڪيو وڃي. آءِ ايم ايف جي ان مطالبي تي نجڪاري ڪميشن ايل اين جي پاور پلانٽس جي نجڪاري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته حويلي بهادر شاهه ۽ بلو زبردست صلاحيت سان بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽس آهن. ٻنهي پاور پلانٽس کي مسلم ليگ ن جي دور ۾ لڳايو ويو هو. انهن کي وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بهتر ڪارڪردگي وارن پاور پلانٽس کي خانگائڻ سان سٺي قيمت ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button