پاڪستانسنڌ

موٽرسائيڪلن تي گهمندڙ ارب پتي ٿي ويا آهن: لياقت جتوئي

راڌڻ: اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آ جي ناراض اڳواڻ لياقت علي خان جتوئي عوامي رابطه مهم دوران ٿرڙي ۽ ٻين جڳهن تي عام جلسن کي خطاب ڪندي پ پ جي مقامي اڳواڻن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته جيڪي ماڻھو موٽرسائيڪلن تي گهمندا هئا. اهي هاڻي ارب پتي ٿي ويا آهن، اهو غريبن جو لٽيل ۽ ڪرپشن جو پئسو آهي، جن ڪرپشن ۽ غريبن جي پئسن مان بنگلا ٺاهيا آهن، اتي اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪيا ويندا، سنڌ حڪومت هر اداري کي تباهھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي، پ پ ليڪشن ۾ ڌانڌليون ڪري ٽي اليڪشنون کٽيون آھن، مون تي ڪيس ٿيا پر پو به مهاڏو اٽڪايو آھي، منهنجي حمايتن تي تشدد ڪري ننهن ڪڍيا ويا، آفيسرن جون ٿر ۾ بدليون ڪيون، پر ساٿي جهڪيا ناهن. ان موقعي تي نياز ٻرڙي، ڊاڪٽر عباس مهيسر، عبدالوحيد ڪلهوڙي، گل زمان ناريجي، گل حسن سولنگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button