پاڪستانسنڌ

جمھوريت جي بحالي ۽ خوشحالي لا لانگ مارچ نڪرندو: عاجز ڌامراهه

تلھار: پ پ سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو آهي ته جمھوريت جي بحالي ۽ عوام جي خوشحالي لا 27 فيبروري تي ڪراچي کان اسلام آباد تائين بلاول ڀٽو زرداري پارارن لانگ مارچ ڪيو ويندو، ھي لانگ مارچ عوامي لانگ مارچ ثابت ٿيندو، ھن لانگ مارچ ۾ پاڪستان جي سياست ۾ به مثبت تاثر پيدا ٿيندا، سيلڪٽيڊ حڪومت جا ڏينھن ڳڻجي چڪا آھن، لانگ مارچ واري مدت ۾ عوام کي مھانگائي مان نجات ڏياري وٺنداسين، اهڙو اظهار هن ڪالهه پيپلزپارٽي مرڪزي ميڊيا سيل انچارج فدا حسين ڊکڻ، ضلعي بدين اطلاعات سيڪريٽري فدا منڌرو ۽ حاجي مير ملاح سان گڏ تلھار ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

هن چيو ته پيڪا قانون کي صحافين کان قلم ۽ ڪيمرا کسڻ جي سازش سمجھون ٿا، جيڪو قانون سوشل ميڊيا تي اڄڪلهه گردش ڪري رھيو آھي دراصل اھو پيڪا نه پر ٽيڪا آھي جيڪو آرڊيننس اڃا پاس ئي ناھي ٿيو، ھن کي عدالت ۾ چئلينج پڻ ڪنداسين ۽ جنھن جي خلاف پ پ پ سنڌ جي سمورن صحافين سان گڏجي جدوجھد ڪري ڪاري قانون خلاف آواز اٿارينداسين. ان موقعي تي نياز محمد لاشاري، خانصاحب جمالي، پير محفوظ شاھه، عرفان جمالي، نظير دلواڻي، غلام حيدر جتوئي، عدنان عرف بادشاهه خان جمالي، امير حيدر خواجه، يعقوب کوسو، جبران، مير قيوم، زاھدا ڪنڀار، فرزانه جتوئي، نورجھان دلواڻي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button