اسلام آبادپاڪستان

سنڌ جيان سڄي ملڪ ۾ شاگرد تنظيمون بحال ڪيون وڃن:بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پاڪستان پيلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلاميا ڪاليج يونيورسٽي پشاور جي اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي مطالبن جي حمايت ڪندي چيو ته اسلاميا ڪاليج پشاور ۾ پگهار نه ملڻ جي ڪري استادن پاران وڌيڪ امتحان وٺڻ کان انڪار افسوسناڪ واقعو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ساليانو 10 سيڪڙو سيميسٽرز جي فيس ۾ واڌ اسلاميا ڪاليج پشاور جي شاگردن تي وڏو ظلم آهي، غربت جي ڪري فيس ادا نه ڪندڙ شاگرد تي ڳرو ڏنڊ وجهڻ جو مقصد تعليم جا دروازا بند ڪرڻ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شاگردن جا مطالبا بنا دير پورا ڪيا وڃن، سنڌ جيان سڄي ملڪ ۾ شاگرد تنظيمون بنا دير بحال ڪيون وڃن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ايس ايف اسلاميا ڪاليج پشاور جي شاگردن جي مطالبن لاءِ آواز اٿاري باشعور ۽ ذميوار شاگرد تنظيم هجڻ جو ثبوت ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button