پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاهه پوليس جو سرچ آپريشن، 12 کان مٿي شڪي گرفتار

ڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه ۾ پوليس جي وڏن اٽالن هوٽلن، مسافرخانن ۽ ڪچي آبادي سميت مختلف پاڙن ۾ سرچ آپريشن ڪري 12 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کي جاچ لا نامعلوم هنڌ تي رکيو ويو آهي، ڊي ايس پي هالا عارف ڀٽي ۽ ايس ايڇ او ڀٽ شاهه ڪرم عمراڻي جي اڳواڻي ۾ شهر اندر سرچ آپريشن ڪيو ويو.

جنهن ۾ هالا، ڀاڻوٺ ۽ سالارو جي پوليس اٽالن به حصو ورتو. ايس ايڇ او ڀٽ شاهه ڪرم علي عمراڻي جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن کي جاچ ڪليئر ٿيڻ بعد آزاد ڪيو ويندو، مختلف علائقن مان روپوش ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو ڀٽ شاهه جو رخ ڪن ٿا ۽ ڀٽ شاه ۾ ڏوهه ڪري واپس فرار ٿي ويندا آهن. روپوش ڏوهارين جي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو آهي، ڪجهه شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي، انهن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button