پاڪستانسنڌ

زرعي يونيورسٽي انتظاميا شاگرد دشمني تي لهي آئي آهي: سنڌو نواز

حيدرآباد: سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، سھيل ڀٽو، يوسف خاصخيلي، حمز علي چانڊيو ۽ ٻين سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي شاگردن جي بک هڙتال جي حمايت ڪندي چيو آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي انتظاميه شاگرد دشمني تي لهي آئي آهي، فين ۾ واڌ ۽ ڪلچر ڊي ملهائيندڙ شاگردن مٿان جڙتو ڪيس آمراڻا قدم آهن، جن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن جا مطالبا جائز آهن، سندن احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪندي چتا ڏيون ٿا ته زرعي يونيورسٽي انتظاميا پنهنجو قبلو درست ڪري، شاگردن مٿان داخل ڪيس فوري واپس ورتو وڃي، فين ۾ اضافو واپس ورتو وڃي ۽ شاگردن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button