اسلام آبادپاڪستان

روس-يوڪرين تڪرار جو پرامن حل چاهيون ٿا:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان کي گھڻو نقصان ٿيو تنهنڪري هاڻ اسان ڪنهن به گروپ جو حصو نه بڻجنداسين. ڪالهه روسي ٽي وي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن دنيا بلاڪن ورهائجي وئي ته پاڪستان آمريڪي بلاڪ ۾ ويو. اسان غير ملڪي امداد لاءِ بلاڪ جو حصو بڻياسين. هاڻ جڏهن اسان ماضي کي ڏسندا آهيون ته اها غير ملڪي امداد ملڪ لاءِ هڪ لعنت آهي. انهيءَ ڪري اسان پنهنجو نظام نه بڻائي سگھياسين، ايڪسپورٽ نه وڌائي سگھياسين، پاڻ تي نٿا ڀاڙي سگھون، دنيا جي بلاڪس ۾ ورهائجڻ سبب مسئلا وڌيا. وزيراعظم چيو ته دنيا ترقي پذير ملڪن کان غير قانوني طور تي پيسن جي منتقلي جي مسئلي کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ پيسن جي غير قانوني منتقلي سبب غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي. دنيا ۾ اسان جي وڏي ذميواري انسانن جي مدد ڪرڻ آهي، وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ به وڏا چيلينجز آهن. هن چيو ته اسان جي اڳوڻن حڪمرانن پيسو لنڊن منتقل ڪيو، اسان واپسي لاءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگھون. انهن ملڪن ان پيسي جي واپسي کي گھڻو ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي، اهو تبديل ٿيڻ گھرجي. ڪو رستو هجڻ گھرجي. جيڪڏهن لنڊن ۾ ملڪيت قانوني پيسن سان ناهي ته اهي پيسا واپس ٿيڻ گھرجن. سندس چوڻ هو ته اسان جي بنيادي توجهه اها هجڻ گھرجي ته پنهنجي ماڻهن کي ڪيئن غربت مان ڪڍون، غربت جي خاتمي لاءِ بهتر رستا سڀني ملڪن وچ ۾ واپار آهي. وزيراعظم عمران خان روس-يوڪرين تڪرار ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته فوجي ڪارروائي ڪنهن به مسئلي جو حل نٿو ٿي سگھي، پرامن حل لاءِ ڳالهين جي ميز تي اچڻو پوندو. روس سان گڏيل لاڳاپا آهن ۽ ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. ترقي پذير دنيا چاهي ٿي ته هاڻ ڪو ٻي سرد جنگ نه ٿئي، ان ڪري چاهيون ٿا ته يوڪرين تڪرار پرامن طريقي سان حل ٿئي. دنيا بلاڪن ۾ ورهائجي وئي آهي، چاهيون ٿا ته مسئلن جوحل پرامن هجي. عمران خان چيو ته نارٿ سائوٿ پائپ لائن منصوبو رڪجڻ جو هڪ سبب روسي ڪمپني تي آمريڪي پابندي هئي. جڏهن ته ايران تي پابندين سبب گيس پائپ لائن منصوبو مسئلن ۾ رهيو، اسان گيس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، چاهيون ٿا ته ايران تان پابنديون ختم ٿين. سندس چوڻ هو ته اهو احمقاڻو خيال آهي ته جنگ سان اوهان جي مقبوليت ۾ واڌ ٿيندي. آئون نٿو مڃان ته طاقت سان مسئلا حل ٿي سگھن ٿا، 10 ورهين ۾ هزارين ماڻهو افغانستان ۾ مارجي ويا. افعانستان ۾ طاقت جواستعمال ڪري ڇا حاصل ڪيو ويو؟ ان ڪري چاهيون ٿا ته دنيا ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪري دنيا ڪرونا اثرن مان ناهي نڪري سگھي هڪ ٻئي تڪرار ۾ وئي ته ڇا ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button