اسلام آبادپاڪستانپنجاب

پي ايف يو جي،لاهور ۽ اسلام آباد ها ڪورٽ بارز پيڪا ايڪٽ رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد/لاهور :پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ پيڪا قانون ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي ترميم کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ها ڪورٽ ۾ پيڪا ايڪٽ خلاف درخواست کي شنوائي لا مقرر ڪيو ويو آهي. پي ايف يو جي پاران رضوان قاضي وڪيل عادل عزيز قاضي جي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو ته حڪومت پيڪا قانونن ۾ آرڊيننس جي ذريعي ترميم ان وقت ڪئي جڏهن هڪ ڏينهن اڳ مٿئين ايوان جو اجلاس جاري هو. حڪومت ڊرافٽ پهريان ئي تيار ڪري ورتو هو، قانونسازي کان بچڻ لاءِ سيڪشن جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪيو ويو. درخواست ۾ چيو ويو ته پاڪستان جو آئين جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ جي گهر ڪري ٿو. آئين ۾ راءِ جي اظهار جي آزادي شامل آهي، موجوده حڪومت جي دور ۾ ميڊيا کي بند ڪيو پيو وڃي. صحافين تي اڻ اعلانيل پابنديون لڳايون ويون آهن. نئون ترميمي آرڊيننس رڳو ڪجهه مخصوص قسم جي صحافين کي هٿي ڏيڻ خبرون ۽ تنقيد کي روڪڻ لاءِ آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته پيڪا قانون ۾ ترميم جي آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ ڪائي هنگامي صورتحال پيدا نه ٿي هئي. پيڪا قانون ۾ ترميم لا قومي اسيمبلي اجلاس گهرائي سگهجي پيو. حڪومت پاران جلدبازي حڪومت جا ناپاڪ مقصد ظاهر ڪري ٿي، ڪوبه ملڪ حڪومتن جي آمراڻي طرز عمل سان نٿو هلي سگهي جتي عوام کي رڳو راءِ جي اظهار جي پنهنجي بنيادي حق کي استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيد ڪيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ اظهار جي آزادي جو قتل ملڪ ۾ جمهوريت کي ناڪام ڪرڻ برابر آهي. پيڪا قانون ۽ ان ۾ ترميم کي پاڪستان جي آئين ۽ بنيادي حقن جي خلاف قرار ڏنو وڃي. هوڏانهن اسلام آباد ها ڪورٽ بار ايسوسئيشن ۽ لاهور ها ڪورٽ بار طرفان پڻ پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت ڪندي مذمت ڪئي وئي آهي. لاهور بار قانون کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته صحافين ۽ آواز کي دٻائڻ ۽ ڪارين رڍن تي تنقيد کان روڪڻ لا آرڊيننس آندو ويو آهي. حڪومت ڪاري قانون ذريعي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته لاهور ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ چوڌري ظفر طرفان چئلينج ڪندي ان کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button