اسلام آبادپاڪستان

محسن بيگ جي اپيل رد،14 ڏينهن جي ريمانڊ تي اڊيالا جيل حوالي

اسلام آباد: دهشتگردي جي انت واري عدالت سينيئر صحافي محسن بيگ کي 14 ڏينهن جي جڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.اسلام آباد مان گرفتار سينيئر صحافي محسن بيگ جو جسماني ريمانڊ ختم ٿيڻ تي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت محسن بيگ جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي جڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. شنوائي دوران جج پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا جاچ مڪمل ٿي وئي آهي، جنهن تي مارگلا پوليس وڌيڪ 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي. جج پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي وڊيو وٺڻي آهي؟ ڇا پولي گرافي ٽيسٽ ٿي ويو آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته جي ها پولي گرافي ٽيسٽ ٿي چڪو آهي. محسن بيگ جي وڪيل چيو ته ٿاڻي ۾ اسان کي ملاقات جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. جڏهن ته ڪيس ۾ صرف پستول جو ذڪر هو پر هاڻ هي وڊيو جو بهانو ڪري رهيا آهن. هي جنهن باڪس جو چئي رهيا آهن، اهو باڪس پوليس کڻي وڃي چڪي آهي. هن چيو ته پوليس 8 ڏينهن جي ريمانڊ ۾ اڃان تائين ڪهڙي جاچ ڪئي آهي؟ هڪ سئو ميٽر پري واقعي وارو هنڌ آهي. هي چون ٿا ته وڊيو قبضي ۾ وٺڻي آهي، عدالتي حڪم جي باوجود اسان کي ملڻ نه پيو ڏنو وڃي. اها توهين عدالت آهي. محسن بيگ جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته وڌيڪ جسماني ريمانڊ نه ڏنو وڃي. محسن بيگ چيو ته پوليس ميڊيڪل رپورٽ تبديل ڪئي آهي ۽ رياست جو اهو وارداتي طريقو آهي. پوليس سي سي ٽي وي جو باڪس ايف آءِ اي کان کڻي وئي. ريمانڊ جي لاءِ جنهن ڊي وي آر جو چيو پيو وڃي، اهو پوليس جي موجودگي ۾ ايف آءِ اي کڻي وئي هئي. هن چيو ته پنهنجي پاور جو استعمال ڪيو پيو وڃي. عمران خان جو پٽڪو سندس گهر واري لاٿو آهي، مان دهشتگرد ته ناهيان جو مون کي رلايو پيو وڃي. پوليس منهنجي گهر وئي ۽ 8 ڏينهن ۾ مون کي تشدد جو نشانو بنائي اهڙو حال ڪيو ويو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد علي وڙائچ محسن بيگ جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي محسن بيگ کي 14 ڏينهن جي جڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو ۽ محسن بيگ کي 8 مارچ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button