اسلام آبادپاڪستان

پيڪا آرڊيننس تحت گرفتاريون نه ڪرڻ جو حڪم،حڪومت کي نوٽيس جاري

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي پريوينشن اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ (پيڪا) جي سيڪشن 20 تحت گرفتاريون نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پي ايف يو جي طرفان پيڪا آرڊيننس خلاف داخل درخواست تي شنوائي ڪئي. پي ايف يو جي طرفان عادل عزيز قاضي ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته 17 فيبروري تي سينيٽ جو سيشن ختم ٿيو ۽ 18 فيبروري تي قومي اسيمبلي جو اجلاس هو. اجلاس کي رڳو ان ڪري ملتوي ڪيو ويو ته جيئن آرڊيننس آڻي سگهجي. درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته اهڙيون ڪهڙيون حالتون هيون، جن جي بنياد تي اهو آرڊيننس جاري ڪرڻ ۾ تڪڙ هئي؟ عدالت ريمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي اڳ ئي ايس او پيز جمع ڪرائي چڪي آهي، ايس او پيز موجب سيڪشن 20 تحت ڪنهن شڪايت تي گرفتاري نه ڪئي وڃي. ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته ڊي جي ايف آءِ اي ۽ گهرو سيڪريٽري ذميوار هوندا. عدالت پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف پي ايف يو جي جي درخواست تي صدارتي آرڊيننس ذريعي ترميم خلاف درخواست تي اٽارني جنرل کي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عوامي نمائندي لاءِ ته ساک کي نقصان پهچائڻ جو قانون هجڻ ئي نه گهرجي. جسٽس اطهر من الله چيو ته زمبابوي ۽ يوگنڊا به ساک کي نقصان پهچائڻ فوجداري قانون مان ڪڍي چڪا آهن. پي ايف يو جي وڪيل عادل عزيز چيو ته جيڪو پاڻ کي عوامي نمائندو چئي ٿو، اهو به تنقيد کان نه گهٻرائي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف پي ايف يو جي جي درخواست تي شنوائي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button