اسلام آبادپاڪستان

پيٽرول ٻيهر مهانگو ڪرڻ جو اشارو،قيمتون وڌنديون،بار عوام تي پوندو:اوگرا

اسلام آباد:اوگرا چيئرمين مسرور خان پهرين مارچ کان ٻيهر پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه قومي اسيمبلي جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس عمران خٽڪ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ گيس اسڪيمن تي ڪم نه ٿيڻ تي ن ليگي ميمبرن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن جي سيڪريٽري چيو ته گيس اسڪيمن تي لڳايل پابندي کي هٽائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ايندڙ هفتن ۾ ايل اين جي جي کوٽ بابت سوال جي جواب ۾ پيٽروليم واري سيڪريٽري ٻڌايو ته اسان جا 2 ايل اين جي ڪارگوز ملتوي ٿيا هئا، جن مان هڪ ڪارگو جو بندوبست ڪري ورتو آهي پر ان جو ٽينڊر مهانگو مليو آهي. آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) جي چيئرمين مسرور خان پهرين مارچ کان پيٽروليم شين جون قيمتون وڌڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته 12 هفتن ۾ تيل جون قيمتون وڌيون آهن جنهن جو جڳ ۾ مثال نٿو ملي. ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ به تمام تيزي سان گهٽتائي آئي. ناڻي ۾ جيڪي پئسا اچي رهيا آهن، اهي ڪمپرومائز ٿي رهيا آهن. قيمتون وڌڻ جو بار عوام مٿان پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button