اسلام آبادپاڪستان

اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف نيب ريفرنس مان بري ٿي ويو

اسلام آباد:پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف نيب ريفرنس ۾ بري ٿي ويو. اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، شاهد رفيع ۽ طاهر بشارت چيما خلاف نيب جو نئون ديرو پاور پلانٽ ريفرنس رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عدالت ريفرنس تي سموري ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي. احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير بريت جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت جوابدارن جي بريت جون درخواستون منظور ڪندي ريفرنس رد ڪري ڇڏيو.ريفرنس ۾ گڏيل طور تي 10 جوابدار نامزد ڪيا ويا هئا، جنهن مان 2 جوابدار پهريان ئي بري ٿي چڪا هئا ۽ هڪ جوابدار لاڏاڻو ڪري ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button