پاڪستانسنڌ

جاتي لڳ ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، تشدد، نينگر مبينا کنڀجي ويو، مظاهرو

جاتي: جاتي لڳ ڳوٺ پير ابڙو تي گذريل رات دير سان جاتي ۽ مڙھوبولاخان پوليس اٽالن گڏيل چڙھائي ڪندي چادر ۽ چوديواري جو تقدص پائمال ڪري گھرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو، جنهن دوران عورتن ۽ ٻارڙن ۾ رڙيون پئجي ويون. جڏهن ته پوليس نينگر علي محمد کي مبينا طور گرفتار ڪري کنڀي کڻي ويئي آھي، اھڙي واقعي خلاف متاثر ڳوٺ جي رهواسي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارن جاتي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو. پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي پارسان، زرينه، محمد الرحيم ھنڱورجو ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو ته پي پي اڳواڻ مير نادر مگسي جو مائٽ ديھه باکئي ۾ اسان جون زرعي زمينون ڦٻائڻ لا اسان کي مختلف طريقن سان حراسان ڪري رھيو آھي ۽ اسان جا لنگھه به بند ڪري ڇڏيا آھن ته جيئن زمينون خالي ڪري وڃن، ھنن چيو ته بااثر شخصيت جي چرچ تي جاتي ۽ مڙھوبولاخان پوليس ونگار وھندي چادر ۽ چوديواري جو تقدص پائمال ڪري گھرن ۾ داخل تي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ معصوم نينگر علي محمد کي کنڀي کڻي ويئي آهي. ھنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button