پاڪستانسنڌ

نيوسعيدآباد لڳ چنگچي کي ڪار ۽ ڪوچ جو ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 10 زخمي ٿي پيا

نيوسعيدآباد/مٽياري: نيوسعيدآباد ويجهو قومي شاهراهه تي گل فارم ونجھيري شريف وٽ چنگچي ڦٽي کي ڪار ۽ مسافر ڪوچ جو ٽڪر لڳڻ سبب معصوم ٻارڙي سميت 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت، 6 عورتن سميت 10 ڄڻا سخت زخمي، قومي شاهراھه بلاڪ، تعلقا اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو، سڄي ضلعي مان ايمبولينسون گھرائي زخمين کي لمس اسپتال حيدرآباد ۽ فوتين جي ميتن کي ڳوٺ منتقل ڪيو ويو، ڪار ڊرائيور گرفتار، مسافر ڪوچ کيبر کان ھٿ، ڊرائيور ۽ ڪلينر فرار ٿي ويا، خبر موجب نيوسعيدآباد ويجهو گل فارم ونجھيري شريف وٽ قومي شاهراهه تي ڳوٺ مراد ڪملو کان چنگچي ڦٽي تي ھڪ ئي خاندان جا ڀاتي سوار ٿي ھالا ۾ شادي جو سامان خريد ڪرڻ لا وڃي رھيا ھئا ته ھڪ تيزرفتار ڪار غلط طرف کان اوور ٽيڪ ڪندي چنگچي ڦٽي کي ٽڪر ھنيو ته چنگچي ڦٽو ڪلٽي ٿي پيو، ايتري ۾ پويان ايندڙ مسافر ڪوچ روڊ تي ڪريل ماڻھن مٿان چڙھي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا 15 ورهين جو ارمان پٽ لکاڏنو ڪملو، 13 ورهين جو علي گل پٽ مٺو ڪملو ۽ 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي انيلا ڌيءُ خاوند ڏنو ڪملو ٿڏي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏھن ته 10 ڄڻا شاھه پري زال سومر، صابره ڌيءُ سھراب، حليمان زال سھراب، فريده زال خالد، پروين زال خاوند ڏنو، حنا ڌيءُ لياقت، اڪن عرف عبدالڪريم پٽ ٻيڙو، عزت علي پٽ سومر، وڪيل پٽ اڪن ۽ سونو پٽ ڪوڙو سخت زخمي ٿي پيا.

لاشن ۽ زخمين کي موٽروي ۽ سنڌ پوليس ڳوٺاڻن جي مدد سان تعلقا اسپتال نيوسعيدآباد پھچايو، جتي اطلاع تي سوين شھري ۽ سول سوسائٽي جا رضاڪار پھچي ويا، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملو گھرايو ويو. هوڏانهن اي سي سعيدآباد منصور عباسي پھچي مٽياري سميت سڄي ضلعي مان ايمبولينسون گھرائي ورتيون، فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد زخمين کي نازڪ حالت ۾ لمس اسپتال حيدرآباد ۽ فوتي جي لاشن کي ضروري ڪارروائي بعد ايمبولينسن ذريعي ڳوٺ مراد ڪملو پهچايو ويو، جتي لاش پهچڻ تي پوري ڳوٺ ۾ ڪھرام مچي ويو. جڏهن ته حادثي سبب قومي شاهراهه بند ٿي ويو، جيڪو پوليس ملبو ھٽائي کولرايو، ڪوچ ڊرائيور حادثي کانپوءِ ڪوچ سميت فرار ٿي ويو، جنھن کي کيبر ۾ پوليس ناڪابندي ڪري بيھاريو ته ڪوچ ڊرائيور ۽ ڪلينر فرار ٿي ويا، ڪوچ کي حراست ۾ وٺي نيوسعيدآباد پوليس حوالي ڪيو، جڏھن ته پوليس ڪار ڊرائيور حبيب الله لاکو ويٺل نوشهروفيروز کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي طرف ٽنھي ميتن کي دفنايو ويو، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button